ڪراچي: ڪسٽمز اهلڪارن جي مبينا فائرنگ، شهري قتل، لاش رکي ڌرڻو
جُون 2, 2025
ڪراچي ( پنهنجي ڊيسڪ )ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن سگنل وٽ ڪسٽمز اهلڪارن جي مبينا فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، مارجي ويل شهري جي سڃاڻپ احسان ولد نور الله طور ڪئي وئي، واقعي خلاف مقتول جي وارثن نيٽي جيٽي پل تي لاش رکي ڌرڻو هڻي ڪسٽمز پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته احسان ولد نور الله جي گاڏي۾ خشڪ کير هو، ڇا کير وڪرو ڪرڻ ڏوهه آهي، وارثن جو چوڻ هو ته ڪسٽمز اهلڪارن گاڏيءَ تي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب احسان کي مٿي ۾ گولي لڳي، وارث الزام هڻندي چيو ته ڪسٽمز اهلڪار سمير سان اهلڪار عادل ڀٽي ۽ خانگي ماڻهو گڏ هئا،مقتول جي ڊرائيور شاهزيب کي به پوليس جناح اسپتال مان کڻي وئي آهي، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته شهري احسان ڪسٽمز اهلڪارن جي مبينا فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي،احسان جي ڊرائيور کي پڇا ڳاڇا لاءِ حراست ۾ ورتو آهي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ ڪسٽمز اهلڪارن گاڏي کي بيهڻ جو اشارو ڪيو پر ڊرائيور گاڏي ڀڄائي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.