ڪراچي ( پنهنجي ويب) ڪراچي جي ڪمشنر جي هدايتن باوجود شهر مان سائن بورڊ نه هٽايا ويا، سمنڊ ڏانهن ويندڙ رستي کي بند ڪيو ويو آهي
سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي ڪراچي جي ڪمشنر شهر ۾ مختلف هنڌن تي لڳل سائن بورڊ هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن تي لاڳاپيل اختيارين ڪو به ڌيان نه ڏنو آهي، شهرين جو چوڻ آهي ته تيز طوفان دوران سائن بورڊ ڪرڻ سبب نقصان جو خطرو آهي پر انتظاميا لاپرواهي جو مظاهرو ڪري رهي آهي
هوڏانهن سمنڊ ڏانهن وڃڻ تي پابندي هڻڻ کانپوءِ شهرين جي اچ وڃ روڻ لاءِ رستو به بند ڪيو ويو آهي