ڪراچي ڪنگز کي پنهنجو ميدان نه لڳو: لاڳيتو چوٿين شڪست: ملتان سلطانز اهم ميچ 11 رنز تان کٽي ورتي

ڪراچي ڪنگز کي پنهنجو ميدان نه لڳو: لاڳيتو چوٿين شڪست: ملتان سلطانز اهم ميچ 11 رنز تان کٽي ورتي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪنگز کي پنهنجو ئي ميدان نه لڳو، لاڳيتو چوٿين شڪست کائي وئي، ملتان سلطانز اهم ميچ 11 رنز تان کٽي ورتي تفصيل موجب پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 جي 28 هين ميچ ۾ ملتان سلطانز ڪراچي ڪنگز کي 11 رنز تان هارائي ڇڏيو. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز ملتان سلطانز خلاف ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. ملتان سلطانز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 207 رنز اسڪور ڪيون. ملتان جي طرفان شان مسعود 46، جوش فلپي 44 ۽ اوائيس ظفر 36 رنز اسڪور ڪيون. ڪراچي ڪنگز جي طرفان خوشدل شاهه ٽي وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ ڪراچي ڪنگز جي بيٽرز سٺي فائٽ ڪئي پر هو 196 رنز تي همت هاري ويٺا. ريزا هينڊرڪس 49، عباس آفريدي 34 ۽ معين علي 27 رنز بنايون. ملتان سلطانز جي عرفات منهاس ٽي ۽ پيٽر سڊل ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.