ڪراچي: گرين لائين جو ڪم ٻيهر شروع: ڪي ايم سي جي اجازت

  ڪراچي: گرين لائين جو ڪم ٻيهر شروع: ڪي ايم سي جي اجازت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گرين لائين بس سروس جي توسيع جو ڪم ٻيهر شروع  ٿي ويو،  ميئر مرتضيٰ  وهاب ريڊيو پاڪستان ڀرسان تعميراتي سائيٽ جو دورو ڪيو، جتي ڊپٽي ميئر سلمان مراد، ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي، پي آءِ ڊي سي ايل جا عملدارن ۽ وفاقي ترجمان راجا خليق الزمان به موجود هئا۔ ان موقعي تي راجا خليق الزمان ميڊيا کي ٻڌايو ته گرين لائين هن وقت 21 ڪلوميٽر تائين فعال آهي،  واڌ وارو ڪم وزيراعظم جي ويزن  تحت تيزي سان اڳتي وڌايو پيو وڃي. هن چيو ته 18 سيپٽمبر تي ميئر ڪراچي جي خدشن سبب ڪم عارضي طور روڪيو ويو هو، پر هاڻي سڀ تحفظات ختم ٿي چڪا آهن..ميئر مرتضىٰ وهاب چيو ته ترقياتي ڪمن بابت اعتراض شهرين جا مفاد ڏسي ڪيا ويا. ڪم شروع ڪرڻ وقت ڪي ايم سي کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو،  هن چيو ته گرين لائين منصوبي جي تعمير دوران شهرين کي پريشانيون برداشت ڪرڻيون پيون،  ميونسپل پارڪ جو پراڻو ٺيڪو مڪمل نه ٿيڻ ڪري وڌيڪ تڪليفون به پيدا ٿيون. ميئر چيو ته ڊرينيج ۽ سيوريج جا مسئلا بنيادي حيثيت رکن ٿا، جيڪي منصوبي دوران حل ٿيڻ لازمي آهن. ميئر موجب گرين لائين ڪوريڊور جو ڪم 31 آڪٽوبر 2026 تائين مڪمل ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق چيو ته گرين لائين منصوبي جو افتتاح ڊسمبر 2021 ۾ ڪيو ويو هو،  گرين لائين فيز 2  ۾  3 نيون اسٽيشنون تعمير ٿينديون، ميئر مرتضىٰ وهاب  چيو ته اِي-140 تي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي جو هڪجهڙو موقف آهي،  ڪراچي جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.