| ڪراچي: گل پلازا کي ٻيهر باهه لڳي وئي: موالي سوگهو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي گل پلازا کي ٻيهر باهه لڳي وئي، موالي سوگهو، ان ڏس ۾ ريسڪيو 1122 موجب گل پلازا کي باهه لڳڻ جو اطلاع ملڻ تي فائر اينڊ ريسڪيو ٽيمون، ايمبولينسون ۽ 5 فائر برگيڊ گاڏيون پهتيون هيون، جن مڙسي ڪري باهه تي ضابطو آندو،هن وقت ڪولنگ جو عمل جاري آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته بيسمنٽ جي گيٽ نمبر هڪ ويجهو دڪان ۾ باهه لڳي هئي، گل پلازا اندران منشيات جي هڪ عادي کي حراست ۾ ورتو ويوآهي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته منشيات جو عادي شايد چوري جي ارادي سان عمارت ۾ داخل ٿيو هو، انهي ئي عمارت ۾ باهه لڳائي. هوڏانهن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ اسما بتول چيو ته عمارت اڳ ۾ ئي سيل ڪيل هئي، ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. ياد رهي ته 17 جنوري 2026 تي ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع مشهور شاپنگ سينٽر گل پلازا کي باهه لڳي هئي. انهي سانحي ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.