| ڪراچي: گهر مان افغان عورت ۽ سندس 3 ٻارن جا ڦاهو لڳل لاش هٿ: واقعو آپگهات قرار |
ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ گهر مان ماءُ ۽ ٽن ٻارن جا ڦاهو لڳل لاش هٿ، پوليس موجب سهراب ڳوٺ جي مڇر ڪالوني واري علائقي جهنگ آباد جي گهر مان عورت ۽ ٽن ٻارن جا ڦاهو لڳل لاش مليا، ماءُ ۽ ڌيءَ جا لاش گڏ ٽنگيل هئا، هڪ پٽ ۽ هڪ ڌي جا لاش وري الڳ الڳ رسن ۾ ٽنگيل هئا. مقتولن جي سڃاڻپ 35 ورهين جي فاطمه، 10 ورهين جي سونم، 3 ورهين جي آرزو ۽ 2سالن جي ارمان جي نالن سان ٿي، لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا. پوليس موجب فاطمه جو مڙس نجيب الله وڏي پٽ سان گڏ گهر کان ٻاهر ويل هو، نجيب الله جو تعلق ليه سان آهي، جيڪو سبزي منڊي ۾ ڪم ڪندو آهي، سندس زال فاطمه افغاني هئي، نجيب الله پهرين زال کي طلاق ڏيڻ بعد فاطمه سان ٻي شادي ڪئي، جن ٻارن جا لاش رسن ۾ ٽنگيل هئا، انهن ۾ هڪ ٻار سندس اڳوڻي گھر واري مان آهي. پوليس موجب ابتدائي جاچ ۾ شڪ آهي ته فاطمه ٻارن کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ خودڪشي ڪئي آهي، نجيب الله کي حراست ۾ وٺي کانئس پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. نجيب الله جاچ دوران ٻڌايو ته هو ڪم کان واپس آيو ته گهر جو دروازو اندران بند هو، دروازو کڙڪائڻ باوجود ڪنهن نه کوليو، جنهن بعد نجيب الله وڏي پٽ کي دري مان گهر ۾ داخل ڪيو، جنهن دروازو کوليو ته لاش ٽنگيل هئا. پوليس موجب نجيب الله جوچوڻ هو ته اهو واقعو گهرو تڪرار تان پيش آيو آهي، ٻئي طرف گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي اوڀر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي