| ڪراچي: گهر ۾ ڌاڙو: 3 ڦورو مارڻ جي دعويٰ: هڪ هاف فراءِ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي بفر زون ۾ گهر ۾ ڌاڙو: پوليس پاران 3 ڦورو مارڻ جي دعويٰ، هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، ان ڏس ۾ ايس ايس پي سينٽرل ذيشان شفيق صديقي جو چوڻ آهي ته تيموريه ٿاڻي جي حد ۾ 4 ڦورو گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي رهيا هئا ته اطلاع تي پوليس پهچي وئي, پوليس کي ڏسندي ئي ڦورن فائرنگ شروع ڪري ڏني, پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 3 ڦورو موقعي تي ئي مارجي ويا, جڏهن ته هڪ ڦورو قيوم ولد محبوب کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي, ايس ايس پي موجب ڦورن وٽان هٿيار ۽ ڦر ڪيل سامان هٿ آيو آهي.