ڪراچي: گٽر ۾ ٻالڪ ڪرڻ جو ڪيس ميئر ۽ ٽائون چيئرمين تي داخل ڪرڻ لاءِ 2 پٽيشنون داخل 

ڪراچي: گٽر ۾ ٻالڪ ڪرڻ جو ڪيس ميئر ۽ ٽائون چيئرمين تي داخل ڪرڻ لاءِ 2 پٽيشنون داخل 

ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) ڪراچي جي يونيورسٽي روڊ تي کليل گٽر ۾ ڪري فوت ٿيل معصوم ٻالڪ ابراهيم واري واقعي جو ميئر ڪراچي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ مقامي عدالت ۾ وڪيل شيخ ثاقب احمد ۽ وڪيل عبدالاحد 2 الڳ الڳ درخواستون داخل ڪرايون ويون آهن، درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ميئر ڪراچي جي غفلت سبب معصوم ٻالڪ گٽر ۾ ڪري فوت ٿيو آهي، ٽن ورهين جي ابراهيم جي فوتگي جو ڪيس ميئر ڪراچي،  گلشن اقبال جي ٽائون چيئرمين،  پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ايڪسين تي داخل ڪيو وڃي، فوتي ٻالڪ جي وارثن مڪاني ادارن ۽ ضلعي انتظاميه مٿان غفلت جو الزام هنيو آهي، ميئر ۽ ٽائون چيئرمين پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ريسڪيو اهلڪار وقت سر نه پهتا، وارثن نينگر جي ڳولا لاءِ 15 هزار خرچ ڪري مشنري گهرائي، درخواست ۾ ڪراچي جي ميئر، ٽائون چيئرمين گلشن اقبال، ايڪسين ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي ڌر بڻايو ويو آهي.