| ڪراچي: گھرن ۾ چوريون ڪندڙ 5 ماسيون جيل حوالي |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جڊيشنل مجسٽريٽ اوڀر جي عدالت گھرن ۾ چوريون ڪندڙ ماسي گينگ جي 5 عورتن کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، عدالت جاچ آفيسر کان چالان طلب ڪري ورتو، پوليس چيو ته گرفتار عورتن 30 لک رپين کان وڌيڪ چوري ڪئي آهي، فيروز آباد ٿاڻي تي عورتن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.