ڪراچي ۽ حيدرآباد جا 12 مڪاني ادارا ختم: 45 ٽي ايم سيز کي شيئر جاري

آڪٽوبر 5, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ضلعي ڪائونسلن، 7 ڊي ايم سيز، حيدرآباد ضلعي جي 2 ميونسپل ڪاميٽين قاسم آباد ۽ ٽنڊو ڄام، ٽائون ڪاميٽي هوسڙي کي ختم ڪري ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيدبينظيرآباد ۾ نئين قائم ڪيل 45 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز کي او زيڊ ٽي شيئر  جي پهرين ماهوار قسط جاري ڪري ڇڏي

ان حوالي سان ناڻي کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل رقم واري دستاويز موجب حيدرآباد ضلعي جي 9 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز لاءِ 12 ڪروڙ 25 لک رپين کان وڌيڪ رقم جاري ڪئي وئي آهي، جن مان 6 ٽي ايم سيز  نيرون ڪوٽ، ميان سرفراز، پريٽ آباد، شاھ لطيف آباد، سچل سرمست ۽ حسين آباد کي هڪ ڪروڙ 36 لک 70 هزار ۽ 3 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز قاسم آباد، ٽنڊوفضل ۽ ٽنڊوڄام کي وري هڪ ڪروڙ 36 لک 16 هزار رپيا جاري ڪيا ويا آهن

ميرپورخاص ۽ شهيدبينظيرآباد جي 2_2، لاڙڪاڻي جي 4 ۽ سکر جي 3 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز کي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن

 اهڙي طرح ميرپورخاص جي 2 ٽي ايم سيز مير شير محمد ٽالپر ۽ سيد خادم شاھ، شهيد بينظيرآباد جي 2 ٽي ايم سيز پراڻو نوابشاھه ۽ ايڇ ايم خواجا، لاڙڪاڻي جي 4 ٽي ايم سيز حيدري ، ايمپائر ٽائون، دڙي ٽائون ۽ سچل ٽائون، سکر جي 3 ٽي ايم سيز نثار صديقي ٽائون، جيئي شاھ ٽائون ۽ مڪي شاھه ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ به هڪ هڪ ڪروڙ روپيا او زي ٽي شيئر جاري ڪيو ويو آهي

 ٻئي طرف ڪراچي ضلعي ڪائونسل، ڊي ايم سي ايسٽ، ڊي ايم سي ويسٽ، ڊي ايم سي سائوٿ، ڊي ايم سي ملير، ڊي ايم سي ڪورنگي ۽ ڊي ايم سي ڪياماڙي کي ٽوڙِي نون قائم ٿيل 25 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن کي به او زيڊ ٽي شيئر جي رقم جاري ڪئي وئي آهي

واضح رهي نئين قائم ٿيل 45 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جا چونڊيل نمائندا چارج سنڀالڻ باوجود بنا بجيٽ جي ڪم ڪري رهيا هئا، سنڌ سرڪار نگران وڏي وزير جي حتمي منظوري کانپوءِ او زيڊ ٽي شيئر طئه ڪرڻ بعد پهرين قسط جاري ڪئي آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • نئون ڪوٽ: ٻڪريون چوري ڪندڙ 2  چور سوگها

  • اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نئون رڪارڊ

  • قاضي احمد لڳ گيسٽرو وگهي نينگري فوت

  • شاهه پور چاڪر ڀرسان پيءُ پٽ قتل