| ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڊينگي جا 10 هزار ڪيس ٿيا: پيچوهو |
ڪراچي: پ پ ايم پي اي سميتا افضال ڊينگي پکڙجڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي چيو ته صحت کاتو ٻڌائي ته انهن ڪهڙا اپا ورتا آهن؟ جنهن تي صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو ته ڪراچي ۾ ڊينگي جا 9 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 10 ماڻهو فوت ٿيا، حيدرآباد ۾ هڪ هزار ڊينگي ڪيس رپورٽ ۽ 12 مريض فوت ٿيا آهن، ڊينگي کان بچاءَ لاءِ اسپري مهم هلندڙ آهي. هن چيو ته سکر ڊويزن ۾ 79 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن۔حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس سامهون اچن ٿا، 66 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو ڊينگي جو علاج ڪيو ويو آهي. صوبي ۾ 204 اسپتالن ۾ دينگي مريضن جي علاج جون سهولتون موجود آهن۔ڪراچي جي اسپتالن ۾ ڊينگي مريضن لاءِ 220 بسترن جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ 1533 بسترا مختص ڪيا ويا آهن.