ڪراچي ۽ لاهور ۾ ماني جي قيمت اضافي جو خدشو

ڪراچي ۽ لاهور ۾ ماني جي قيمت اضافي جو خدشو

ڪراچي/لاهور (م ڊ) ڪراچي ۾ تندور مالڪن سرڪاري قيمت تي اٽو نه ملڻ جي صورت ۾ ماني وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. تندور مالڪن موجب اٽي جي سرڪاري قيمت تي دستيابي يقيني بنائي وڃي، سرڪاري قيمت تي اٽو نه مليو ته قيمت وڌائڻ تي مجبور ٿينداسين. هنن جو چوڻ هو ته فلورملز طرفان اٽو لاڳيتو 145 روپيه ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته اسان اڃا تائين ماني ۽ نان جي قيمت ۾ اضافو ناهي ڪيو. هوڏانهن اٽي جي اگهن ۾ واڌ کان پوءِ نان بائي ايسوسيئيشن لاهور ۾ ماني جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪيو آهي. نان بائي ايسوسيئيشن موجب ماني جي قيمت 17 رپين بدران 25 رپيا مقرر ڪئي وڃي، جڏهن ته نان جي قيمت 30 رپيا رهندي. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت جي هدايتن تي 120 گرام ماني جي قيمت 17 رپيا ۽ نان جي قيمت 30 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.