| ڪراچي ۽ ملير بار جون اڄ چونڊون: وڙائچ ميدان ۾ لٿل |
ڪراچي/ملير (نمائندن وٽان) ڪراچي ۽ ملير بار جون چونڊون اڄ ٿينديون، ڪراچي بار جي چونڊن لاءِ سٽي ڪورٽ ۾ 32 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آهن, صدارتي اميدوارن ۾ عامر نواز وڙائچ، جي ايم ڪورائي، اسد الله شاهه راشدي ۽ وقار عالم عباسي شامل آهن، جڏهن ته جنرل سيڪريٽري لاءِ 7 اميدوار رحمان ڪورائي، محمد ارشد شر، عمران عزيز، آصف وحيد ڪوريجو، محمد شاهد ملڪ، ممتاز تنولي ۽ طارق حسين آرائين ميدان ۾ لٿل آهن، نائب صدارت لاءِ 5 اميدوارن عامر شهزاد, عرفان علي ڪوريجو,محمد هارون کوسو, محمد عرفان صديقي ۽ نظير حسين شر ۾ مقابلو ٿيندو، 10 هزار وڌيڪ رجسٽرڊ ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، هوڏانهن ملير بار چونڊن ۾ 1741 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، صدر جي عهدي تي هاڻوڪي صدر ارشاد شر ۽ اڳوڻي صدر حيدربخش انصاري ۾ دوبدو مقابلو ٿيندو، جنرل سيڪريٽري لاءِ 3 اميدوار مجيب رحمان مشوري, فيض علي سمون ۽ اظھر علي سمور ميدان ۾آهن