ڪراچي ۽ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشنز اپ گريڊ: ٿر ريل رٿا لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪبو: وفاقي سرڪار

  ڪراچي ۽ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشنز اپ گريڊ: ٿر ريل رٿا لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪبو: وفاقي سرڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت اسلام آباد- تهران استنبول ٽرين جلد شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ٿر ۾ ريل منصوبي تي سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪراچي ۽ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشنز اپ گريڊ ٿيندا جڏهن ته ٿر ريل رٿا لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پاڪستان ريلويز جي معاملن بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس کي پاڪستان ريلويز جي سڌارن بابت جاري قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته رابطن جي نالي سان 7 ڊجيٽل پورٽل ريلوي جي ڊجيٽائيزيشن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، 56 ٽرينن کي رابطا سسٽم ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. 54 ريلوي اسٽيشنن کي ڊجيٽلائيز ڪيو ويو آهي. ڪراچي، لاهور، راولپنڊي ۽ فيصل آباد جي ريلوي اسٽيشنن تي مفت وائي فائي جي سهولت مهيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وڌيڪ 48 اسٽيشنن تي 31 ڊسمبر 2025 تائين وائي فائي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. فريٽ آن لائن بُڪنگ سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي. ڪراچي سٽي ريلوي اسٽيشن تي ڊجيٽل وهينگ برج (Digital Weighing Bridge) جو پائلٽ پراجڪٽ شروع ڪيو ويو، ايندڙ مرحلن ۾ پپري، ڪراچي ڇانوڻي، پورٽ قاسم، لاهور ۽ راولپنڊي اسٽيشنن تي به ڊجيٽل وهينگ برج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. بريفنگ ۾ چيو ويو ته چئن ٽرينن کي آئوٽ سورس ڪيو ويو آهي ۽ جلد وڌيڪ 11 ٽرينن کي آئوٽ سورس ڪيو ويندو، هن سلسلي ۾ اشتھار جاري ٿي چڪو آهي، هن آئوٽ سورسنگ سان 8.5 ارب رپين جو اضافي روينيو متوقع آهي. 40 لڳيج ۽ بريڪ وينز کي به آئوٽ سورس ڪيو ويو آهي، جن سان 820 ارب رپين جي اضافي روينيو جي اميد آهي. 2 ڪارگو ايڪسپريس ٽرينن جي آئوٽ سورسنگ پڻ جاري آهي، جنهن سان 6.3 ارب روپين جو اضافي روينيو متوقع آهي. لاهور، ڪراچي، ملتان، پشاور، ڪوئيٽا ۽ سکر جي ريلوي اسپتالن جي آئوٽ سورسنگ تي ڪم جاري آهي.. ريلوي جي مين لائن ون جي ڪراچي، ڪوٽڙي سيڪشن ۽ مين لائن ٿري جي اپ گريڊيشن لاءِ لائحه عمل تيار ڪيو پيو وڃي. ٿر ريل ڪنيڪٽيوٽي منصوبي لاءِ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو. اسلام آباد تهران استنبول ٽرين جلد شروع ڪئي ويندي. قازقستان، ازبڪستان، افغانستان، پاڪستان ريل منصوبي تي به ابتدائي ڪم جاري آهي. و اجلاس ۾ وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي، وفاقي وزير اقتصادي معاملان احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي۔