| ڪراچي ۾ڪوهيڙو: 6 عالمي اڏامون مختلف شهرن ڏانهن منتقل |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ڪوهيڙو: بين الاقوامي اڏامون مختلف ايئرپورٽن ڏانهن منتقل ڪيون ويون، ان حوالي سان پاڪستان سول ايوي ايشن جي ترجمان موجب ڪالهه صبح جو شهر ۾ ڪوهيڙي سبب 6 اڏامون ڪراچي ايئرپورٽ بجاءِ مختلف ايئرپورٽن ڏانهن منتقل ڪيون ويون. ترجمان جو چوڻ آهي ته خانگي ايئر لائين جي جده کان ڪراچي ايندڙ هڪ اڏام کي ڪراچي بجاءِ اسلام آباد منتقل ڪيو ويو. واضح رهي ته شهر جي مختلف علائقن ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙي سبب ڪار وهنوار پڻ متاثر رهيو.