ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ڪراچي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون حاصل ڪري پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٿيڻ لاءِ اميدوار ايم پي اي فريال ٽالپور جي گهر آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، احتجاج جي ڪوريج لاءِ پهتل ٽائيم نيوز جي ٽيم تي پوليس جو تشدد، ڪيمرا کسي وئي
پوليس پاران ٽائيم نيوز کي احتجاج جي ڪوريج کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ٽائيم نيوز جي ڪيمرامين عرفان سانگي تي تشدد ڪري ڪيمرا کسي ورتي
پي ايس ٽي ۽ جَي ايس ٽي لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جو ڌرڻو جاري هو اميدوارن جو چوڻ هو ته تعليم کاتي پاران ورتل ٽيسٽ ۾ انهن 33 کان 39 مارڪون حاصل ڪيون آهن پر کين نوڪري نٿي ڏني وڃي
سندن چوڻ هو ته من پسند اميدوارن کي 33 کان گهٽ مارڪن تي پڻ هارڊ ايريا جي نالي تي نوڪريون ڏنيون ويون آهن انهن مطالبو ڪيو ته کين پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي طور ڀرتي ڪيو وڃي