| ڪراچي ۾ اتر لڳي ويو، سيءُ ۾ واڌ، گرمي پد 14 ڊگري |
ڪراچي(م ڊ) موسميات کاتي ايندڙ چوويهه ڪلاڪن دوران سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ خشڪ ۽ ٿڌيون هوائون گهلنديون رهنديون، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14 کان 16 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل چويهه ڪلاڪن دوران وڌ ۾ وڌ گرمي پد 30 ڊگري سينٽي تائين رهيو، شهر ۾ اتر کان چار ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهلي رهيون آهن ۽ هوا ۾ گهم جو تناسب 40 سيڪڙو آهي.