ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس چيف عمران يعقوب منهاس دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز اندرون سنڌ، بلوچستان ۽ ٻين علائقن مان اچن ٿا
هڪ اردو چينل موجب ڪراچي پوليس چيف چيو ته ڏوهاري ڪراچي کي عيد تي وڏي مارڪيٽ وانگر ڏسن ٿا، ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ ۾ 3 کان 4 لک فقير اچي عيد جي سيزن لڳائيندا آهن
هن چيو ته روايتي طريقن سان ڏوهن جو پتو نه ٿو پوي، اسان کي جديد طريقن ڏانهن وڃڻو پوندو, ڪراچي ۾ وڌيڪ ڪيميرائون لڳايون وڃن ته جيئن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي سگهي
واضح رهي ته ڪراچي ۾ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعن ۾ مارجي ويلن جو انگ 19 ٿي ويو آهي،هلندڙ سال دوران ڪراچي ۾ 55 کان وڌيڪ ماڻهو ڦر دوران مزاحمت تي مارجي چڪا آهن