ڪراچي ۾ انڌي گولي معصوم نياڻي جي حياتي کسي ورتي: جوابدار گرفتار

سيپٽمبر 14, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سخي حسن ۾ 7 ورهين جي نينگري انڌي گولي جو نشانو، پوليس  جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

وارثن جو چوڻ آهي ته مريم والد سان گڏ اسڪول وڃي رهي هئي ته اوچتو گاڏي جو پويون شيشو ٽٽي پيو ۽ کيس مٿي ۾ گولي لڳي ۽ هو ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي

پوليس موجب گرفتار جوابدار علي رضا نجي ڪمپني جو سيڪيورٽي گارڊ آهي، جوابدار پوليس کي ٻڌايو ته روڊ تي ڦرلٽ ٿي رهي هئي ته هُن فائرنگ ڪئي، گولي ڦورن بدران روڊ پار موجود گاڏي ۾ ٻارڙي کي لڳي وئي

جوابدار وٽان هٿ آيل هٿيار جي فارينزڪ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نگران وڏي وزير ۽ گورنر واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

Leave A Comment