ڪراچي ۾ ايف آءِ اي کي گاڏين جي واپاري جي گهر مان قارون جو خزانو هٿ

سيپٽمبر 27, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايف آءِ اي گاڏين جي واپاريءَ جي گهر مان قارون جو خزانو هٿ ڪري ورتو آهي

ايف آءِ اي جي هڪ ٽيم ڳجهي اطلاع تي گاڏين جي واپاري عزيز سيکا جي گهر تي ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران 23 هزار آمريڪي ڊالر ۽ 2 ڪروڙ 60 لک روپين جي پاڪستاني ڪرنسي هٿ ڪئي وئي

پي اي سي ايڇ سوسائٽي ۾ واپاري جي گهر تي هنيل ڇاپي دوران ساڍا 5 لک روپين جا پرائيز بانڊز ۽ 2 موبائيل فون به هٿ ڪيا ويا

 ايف آءِ اي جي اختيارين موجب عزيز سيکا امپورٽڊ گاڏين جو ڪاروبار ڪندو آهي، حساس ادارن ۽ ايف آءِ اي پاران سندس گهر جي نگراني ڪرڻ بعد ڪارروائي ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي

ڇاپو هڻندڙ ٽيم موجب نوٽن جون دستيون وهاڻن ۾ لڪايون ويون هيون

Leave A Comment