ڪراچي ۾ اي اين پي اڳواڻ ٽارگيٽ بڻائي قتل

ڪراچي ۾ اي اين پي اڳواڻ ٽارگيٽ بڻائي قتل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ، اي اين پي اڳواڻ قتل، سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي جي حد ۾ جنجال ڳوٺ ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو. پوليس موجب 2 نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري 55 ورهين جي سميع الله باجوڙي کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول کي ان وقت ٽارگيٽ ڪيو ويو، جڏهن هو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪري رهيو هو. پوليس موجب مقتول جو تعلق اي اين پي سان هو. پوليس موجب هٿياربندن جو انگ 2 هو، واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.