ڪراچي ۾ اٽي کي پر لڳي ويا، في ڪلو 210 رپيا

ڪراچي ۾ اٽي کي پر لڳي ويا، في ڪلو 210 رپيا

ڪراچي (م ڊ) ڪڻڪ جي اگهن ۾ واڌ سبب اٽي جي اگهن ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. فلور ملز في ڪلو اٽي جي قيمت ۾ 20 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت 14,500 رپيا في 100 ڪلو تائين پهچي وئي آهي. ٿوڪ ۾ فائن اٽو 155 رپيا، ميدو 167 رپيا ۽ چوڪر اٽو 180 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي، پرچون ۾ ميدو 170 رپيا، فائن 200 رپيا ۽ چڪي وارو اٽو 210 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي. ذريعن موجب، قيمت وڌائڻ کان اڳ، فلور ملز ڪيترن ئي ڏينهن تائين سپلاءِ بند ڪري ڇڏي، جنهن جي ڪري دڪانن ۾ اسٽاڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي، درآمد ٿيل ڪڻڪ نومبر تائين پهچڻ جو امڪان آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ قيمتن تي دٻاءُ برقرار آهي. ان کان علاوه سنڌ حڪومت 15 آڪٽوبر کان فلور ملز کي سبسڊي واري ڪڻڪ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ حڪومت 12,500 رپيا في 100 ڪلوگرام جي شرح سان سبسڊي واري ڪڻڪ جاري ڪندي. سنڌ جي سرڪاري ذخيرن ۾ 346,414 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آهي. امپورٽ ٿيل ڪڻڪ جي آمد کان پوءِ ذخيرا 836,414 ميٽرڪ ٽن تائين پهچڻ جو امڪان آهي.