ڪراچي ۾ اڄ کان ٿڌيون هوائون، ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان

ڪراچي ۾ اڄ کان ٿڌيون هوائون، ٿڌ ۾ واڌ جو امڪان

ڪراچي (م ڊ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ ٿڌ ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 8 ڊسمبر کان ٿڌيون هوائون گهلڻ جي نتيجي ۾ سيءُ وڌي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب اترين علائقن ۽ بلوچستان تي اثرانداز ٿيندڙ موسمي سلسلي سبب اڱاري کان شهر جي پاري ۾ ٻه ڊگري تائين گهٽتائي جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ڊسمبر جي وچ تائين ٿڏ جي انتهائي لهر جو ڪو امڪان ناهي، ان دوران گهٽ ۾ گهٽ پارو 14 کان 12 ۽ وڌ ۾ وڌ 27 کان 29 ڊگري تائين رهي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪراچي ۾ برسات جو به ڪو امڪان ناهي.