| ڪراچي ۾ اڄ کان ٿڌيون هوائون: ڪوهيڙي جي اڳڪٿي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي چيو آهي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران اتر اوڀر کان 20 کان 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان خشڪ هوائون گهلنديون، جنهن دوران موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ٽن ڏينهن دوران گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 16 ۽ وڌ ۾ وڌ 28 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٿڌ جو شدت جو امڪان آهي، ميداني علائقن ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙو پئجي سگھي ٿو.