ڪراچي ۾ بدين واسي ڊاڪٽر رڪشا مان لاهي گهرواري آڏو گوليون هڻي قتل، واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ قرار

ڪراچي ۾ بدين واسي ڊاڪٽر رڪشا مان لاهي گهرواري آڏو گوليون هڻي قتل، واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ قرار

ڪراچي/بدين (رپورٽ: حبيب جمالي + شفيع جوڻيجو) ڪراچي ۾ هٿياربندن بدين واسي ڊاڪٽر کي رڪشا مان لاهي زال آڏو گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. آرٽلري ميدان ٿاڻي جي حد شاهراهه فيصل تي واقع مهراڻ هوٽل وٽ ڪار سوار هٿياربندن بدين واسي ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ ڪينٽ اسٽيشن واري علائقي مان رڪشي ۾ گهر طرف وڃي رهيو، رڪشي ۾ سندس گهر واري به گڏ هئي، رڪشا جيئن شاهراهه فيصل وٽ پهتو ته ڪار سوار هٿياربند سندن پيڇو ڪندا آيا ۽ انهن ڪار اڳيان ڏئي رڪشي کي روڪيو. پوليس موجب هٿياربندن ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ کي رڪشا مان لاهي سندس گهر واري آڏو گوليون هنيون ۽ فرار ٿي ويا. پوليس موجب ڊاڪٽر کي سندس گهر واري رڪشا ۾ جناح اسپتال کڻائي وئي، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.پوليس موجب ڊاڪٽر سارنگ کي سيني ۽ ڄنگهن ۾ 4 گوليون لڳيون، سيني ۾ لڳل گولي سندس موت جو سبب بڻي، ڊاڪٽر سارنگ گلستان جوهر ۾ واقع نجي اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندو هو ۽ پريس ڪلب کان ٿوري فاصلي تي هڪ اپارٽمينٽ ۾ رهندو هو. ڊاڪٽر جي گهر واريءَ جو ابتدائي بيان رڪارڊ ڪيوويو، جنهن ٻڌايو ته هوءَ جوابدارن کي نه سڃاڻي سگهي، ڪراچي ۾بدين  واسي ڊاڪٽر جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا چيو آهي  ته واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا ويا، مختلف رخن کان جاچ جاري آهي. ٻئي طرف واقعي جو ڪيس مقتول جي ڀاءُ سرمد حسين جي فرياد تي نامعلوم جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو. ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ جو مڙھه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش  اباڻي گھر بدين کڻائي پهتا ته ڪهرام مچي ويو، جنازي نماز مرڪزي عيد گاھ پير عالي شاھ ڪوٽ ادا ڪئي وئي جنھن ۾ سياسي سماجي مذھبي ڌرين، ميمڻ برادري سميت  شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
 

ڊاڪٽر سارنگ کي هڪ ماڻهو مسلسل تنگ ڪندو هو: ڀاءُ سرمد

بدين: ڊاڪٽر سارنگ تي تڏي سندس ڀائر اڪبر ميمڻ، فاضل ميمڻ،سرمد ميمڻ، رميز ميمڻ ۽ ٻيا ويٺل هئا، مقتول جي ڀاءُ سرمد حسين ميمڻ ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجو ڀاءُ ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ تقريبن 8 سالن کان ڪراچي ۾ فيملي سان گڏ صدر واري علائقي ۾ رھندو ھو ۽ ٻن نجي اسپتالن ۾ ڊيوٽي پڻ ڪندو ھو، ڪجھه وقت کان ھڪ ماڻھو کيس مسلسل تنگ ڪندو رھندو ھو ۽ ھڪ مھينو اڳ به کيس بليڪ ميل ڪيو ھو جنھن جو ڊاڪٽر سارنگ مون سان ٿورو ذڪر ڪيو ھو، مون چيو ته  ماڻھون ڪير آھي ڪٿي جو آهي پر ھن چيو ته آئون نٿو سڃاڻان صرف مون کي تمام گھڻو تنگ ڪندو آھي، ھن چيو ته ڊاڪٽر سارنگ تنگ ٿي ٻاھر وڃڻ پئي چاھيو پر رات نامعلوم ظالم ماڻهن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي، وارثن سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪري قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.
 

قاتلن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته هفتي بعد احتجاج ڪنداسين: سياسي سماجي اڳواڻ
 

بدين: سياسي سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر عبدالعزيز ميمڻ، لالا فھيم ميمڻ، ظھير حيدري، جمشيد ميمڻ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ڪراچي ۾ ھڪ ڊاڪٽر جو قتل وڏو واقعو آھي، قاتلن حڪومت سنڌ کي وڏو چيئلنج ڏنو آھي، ھنن چيو ته اسان سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڊاڪٽر سارنگ حسين ميمڻ جي قتل جي جاچ ڪري قاتلن کي سرعام ڦاسي ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ ھڪ ھفتي بعد سخت احتجاج ڪيو ويندو.
 

مقتول ڊاڪٽر جي گهرواري جو شروعاتي بيان رڪارڊ، جوابدارن کي نه سڃاڻي سگهي
 

ڪراچي: مقتول ڊاڪٽر سارنگ جي گهر واريءَ جو ابتدائي بيان رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن ٻڌايو ته هوءَ جوابدارن کي نه سڃاڻي سگهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا ويا، ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
 

ڊاڪٽر سارنگ جو هڪ ڀاءُ ڄامشوري ۾ ٻڏي فوت، ٻيو بينظير جي شهادت بعد وڳوڙن ۾ فوت ٿيو
 

ڪراچي: پوليس موجب مقتول ڊاڪٽر سارنگ جو هڪ ڀاءُ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو، جيڪو ڄامشوري ۾ واهه ۾ وهجندي فوت ٿي ويو ۽ ٻيو ڀاءُ بينظير ڀٽو جي شهادت بعد ٿيل هنگامن دوران گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو هو. پوليس موجب ڊاڪٽر سارنگ جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.