| ڪراچي ۾ تباهي جي ڪوشش ناڪام: 2000 ڪلو بارود هٿ: بي ايل اي جا 3 ڪارندا سوگها |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل آءِ جي (سي ٽي ڊي )ذوالفقار لاڙڪ ۽ ڊي آءِ جي غلام اظفر مهيسر چيو آهي ته ڪراچي کي هڪ وڏي سانحي کان بچايو اٿئون، 2000 ڪلو باروڊ سان ڀريل گاڏي هٿ ڪري 3 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن، ڪالهه سينٽرل پوليس آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ اداري ۽ پريميئر انٽيليجنس ايجنسي کي اندروني ۽ ٻاهرين ذريعن کان اطلاع مليو ته ڪراچي جي بلديه ٽائون جي رئيس ڳوٺ ۾دهشتگردن هڪ مسواڙي جڳهه وٺي بارودي مواد جي تياري شروع ڪئي آهي ته جيئن اهي شهر ۾ مختلف حدفن تي دهشتگرد حملا ڪري ملڪي سالميت کي عدم استحڪام جو شڪار ڪن، اهڙي اطلاع تي انٽيليجنس ادارن، اسپيشل برانچ، انٽيليجنس بيورو ۽ سي ٽي ڊي رئيس ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، ڇاپي دوران 3 کان 4 دهشتگرد فرار ٿي ويا، ڇاپي دوران بارود سان ڀريل مزدا، 30 کان وڌيڪ ڊرم،5 گيس سيلنڊر، 2 هزار ڪلو بارودي مواد ۽ مختلف قسم جا ڊيٽونيٽر هٿ ڪيا ويا. شهر ۾ وڌيڪ 6 هنڌن تي ڇاپن دوران وڌيڪ 2 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا، گرفتار دهشتگردن ۾ نياز قادر، حمدان ۽ جليل احمد شامل آهن، دهشتگردن جو تعلق بي ايل اي (بشير زيب گروپ) سان آهي.