ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ تيز هوائن جو سلسلو جاري، ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جهڙالي رهندي، شهر ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات به جاري آهي
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27 ڏهائي 4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ، وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي
هوا ۾ گِهم جو تناسب 81 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، موسميات کاتي چيو آهي ته ڏکڻ اولهه کان هوائون 15 کان 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلنديون رهنديون