نامياري صحافي علي قاضي پنهنجي تهذيب، ثقافت ۽ ٻولي کي زنده رکڻ لاءِ ڪجهه سال پهرين ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪري سنڌي قوم کي پنهنجي ثقافت تي فخر ڪرڻ جو موقعو ڏنو۔ سنڌ اسان جو وطن آهي، جنهن ۾ اسان رهون ٿا ۽ سنڌي قوم ان جي حقيقي وارث مالڪ آهي۔ سچ اهو به آهي ته اسان پنج هزار سال پراڻي ثقافت جا مالڪ آهيون۔ وري ڏٺو وڃي ته سنڌ کي ڌارين هميشه پئي لٽيو ۽ ڦريو آهي، مگر سنڌي قوم ڌارين کي پناه ڏيندي آئي آهي ۽ هن قوم ڪنهن سان به نفرت نه ڪئي آهي۔ جي ايم سيد جنهن محب وطن جي ناتي سنڌ جي قرارداد پيش ڪئي، افسوس ان کي نظربند رکيو ويو۔ سنڌي ماڻهو پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو، پنهنجي ڌرتي وطن پنهنجي ٻولي ۽ ڪلچر جي ڳالھ ڪري ٿو ته ان کي جيل ۾ وڌو وڃي ٿو.
سنڌي ثقافتي ڏهاڙي تي تازو ڪراچي ۾ شاهراه فيصل تي پوليس پاران ايڪتا ريلي جي نوجوانن جي رستا روڪ ڪري مٿن ڪڙڪي پئي۔ ان عمل تي نوجوانن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿيون ۽ پوليس نوجوانن تي لٺيون وسايون، جڏهن ته ڪيترن ئي نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو۔ ڏک جهڙي ڳالهه اها به آهي ته هڪ سول ڪپڙن ۾ ڊي آءِ بي اهلڪار، پوليس موبائل ۾ ويٺل سنڌي نوجوان کان موبائل وٺڻ دوران ان کي ڪچيون گاريون ڏنيون، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي. پوليس جي اهڙي عمل کانپوءِ سڄي سنڌ مان سخت ردعمل اچڻ شروع ٿي ويو۔ سوشل ميڊيا تي پوليس ۽ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪرڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي۔ نوجوان سياسي سماجي ۽ قومپرست اڳواڻ سخت غم و غصي جو اظهار ڪري رهيا آهن۔ مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ نصرت سحر عباسي پاران واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي وزير اعليٰ اڳيان سخت احتجاج ڪيو آهي۔ ايم ڪيو ايم جي آفاق احمد نفرت آميز بيان ڏنو آهي.ان ڇڪتاڻ واري ان ماحول ۾ وڪيل اڳواڻ عامر وڙائچ ڪراچي جي ٿاڻي تي وڃي سڀئي ڪارڪن آزاد ڪرائي ڇڏيا، جڏهن ته اڃان به ڪيترائي سنڌي نوجوان ڪراچي جي جيلن ۾ بند آهن. جڏهن ته 300 نوجوانن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. وري پوليس جڏهن رمانڊ وٺڻ لاءِ نوجوانن کي وٺي عدالت پهتي ته عدالت داخل ڪيل ايف۔ آءِ۔ آر کي نه مڃيو ۽ رمانڊ ڏيڻ کان انڪار ڪندي کين چيو ته اهڙو ڪيس داخل ڪرڻ تي اوهان کي شرم اچڻ کپي۔ ان کانپوءِ پوليس گردي واضح ٿي وڃي ٿي۔ ٻئي طرف هڪ اردو چئنل پنهنجي خبر ۾ ايڪتا ڏهاڙو ملهائيندڙ نوجوانن کي شرپسند ڪوٺيو آهي. ڏٺو وڃي ته شرپسند ۽ دهشتگرد لساني ٽولي وارا آهن، جيڪي هن وقت وفاقي توڙي صوبائي حڪومت جي جهولي ۾ ويٺا آهن۔ جي اوهان مڃيو ٿا ته جمهوريت آهي ته پوءِ سنڌي قوم کان انهن جي ثقافت ۽ ڳالهائڻ جي آزادي نه کسيو۔ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ثقافت ڏهاڙي تي ڪراچيءَ ۾ گرفتار نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ سمورا داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.