ڪراچي ۾ جماعتي منافقت نه پر ترقي ٿيندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ۾ جماعتي منافقت نه پر ترقي ٿيندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي ۾ تختيون نه پر ترقي ڳالهائي رهي آهي، منافقت جو خاتمو ۽ عملي ڪم ئي پيپلز پارٽي جي سڃاڻپ آهن. نارٿ ناظم آباد جي بلاڪ ايف ۾ گهٽين جي مرمت، برساتي نالن جي بحالي ۽ ٻين ترقياتي منصوبن جي افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائڻ وقت هن جماعتن اسلامي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته رڳو ربن ڪاٽڻ سان شهر نٿو هلي، عوام کي حقيقي ڪم نظر اچڻ گهرجن. يونين ڪاميٽين کي ملندڙ فنڊن جي آڊٽ ڪرائي ويندي ته جيئن معلوم ٿئي ته رقم هجڻ باوجود ڪم ڇو نٿا ٿين ؟. هن چيو ته ٽائونن پاران روڊ ڪٽنگ جا پئسا وٺي روڊن رستن کي بحال نه ڪرڻ عوام سان ناانصافي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ هاڻ منافقت نه پر ترقي ٿيندي، مايوسي ڦهلائڻ وارن کي عوام پاڻ سڃاڻي چڪو آهي.