| ڪراچي ۾ حادثا، خوني آئل ٽينڪر 2 ڀينرن کي چيڀاٽي ڇڏيو: 5 ڄڻا فوت |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ حادثا، ٻن ڀينرن سميت 5 ڄڻا فوت، پوليس موجب ابراهيم حيدري ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ 10 ورهين جو ٻار عبدالمصور فوت ٿي ويو، جڏهن ته حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار به زخمي ٿيو. ٻئي پاسي ناظم آباد ۾ سبحان بيڪري ويجهو موٽرسائيڪل سوار ٻه ڀينرون 22 ويلر آئل ٽينڪر هيٺ اچي فوت ٿي ويون. فوت ٿيل ڇوڪرين جي سڃاڻپ ايسٽر ۽ اينجل جي نالن سان ٿي، اهي پنهنجي ڀاءُ سان گڏ موٽرسائيڪل تي سوار هيون. پوليس جي ابتدائي جاچ موجب حادثو آئل ٽينڪر جي ٽڪر سبب پيش آيو، جنهن بعد موٽرسائيڪل سوار توازن وڃائي ويٺو ۽ ٽيئي روڊ تي ڪري پيا. ٻئي ڀينرون ٽينڪر جي پٺين ڦيٿن هيٺان اچي ويون، جڏهن ته سندن ڀاءُ معجزاتي طور بچي ويو. هوڏانهن بلديه ٽائون ۾ حب رور روڊ ويجهو مزدا ٽرڪ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو ، جنهن جي نتيجي ۾ 71 ورهين جو عمران ولد غلام حسين فوت ۽ 53 ورهين جو علي محمد ولد جان محمد زخمي ٿيو پوليس موجب فوت ٿيل ۽ زخمي ٿيل ڄڻا مشرف ڪالوني جا رهواسي ۽ هڪ نجي فيڪٽري جا ملازم هئا،ٻئي طرف ابراهيم حيدري ۾ فش هاربر برف خاني ويجهو تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ واٽهڙو 40 ورهين جو عبدالمجيد ولد محمد فوت ٿي ويو، فوتي چشما گوٺ جو رهواسي هو.