| ڪراچي ۾ دِيا اڪيڊمي وومين واريئرز فٽسال ليگ کٽي ورتي |
ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪراچي ۾ وومين اسپورٽس فورم طرفان نياڻين جي همت افزائي لاءِ ڪوٺايل وومين واريئرز فٽسال ليگ 2026 ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي، جنهن ۾ دِيا فٽبال اڪيڊمي ٽورنامينٽ جي فاتح رهي. برج اسپورٽس ارينا، قيوم آباد ۾ ٿيل ايونٽ وومين اسپورٽس فورم ۽ چارٽر فار ڪمپيشن جي گڏيل سهڪار سان ورونهه پيرزادو جي اڳواڻي هيٺ ڪرايو ويو، جنهن ۾ شهر جي مختلف علائقن مان ڇهن ٽيمن حصو ورتو. مقابلي دوران رانديگرياڻين بهترين راند ۽ اسپورٽس مين اسپرٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو. تقريب ۾ چارٽر فار ڪمپيشن جي پروگرام مئنيجر سمرين عارف ۽ ديا فٽبال اڪيڊمي جي هيڊ ڪوچ ڊاڪٽر سعديه شيخ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. سخت ۽ دلچسپ مقابلن کانپوءِ ديا فٽبال اڪيڊمي ٽورنامينٽ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو، جڏهن ته لياري فٽبال اڪيڊمي رنر اپ رهي. عمره ۽ حرمين کي شاندار ڪارڪردگي تي انفرادي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. آخر ۾ ڪامياب ٽيمن ۽ رانديگرن ۾ ٽرافيون، ميڊلز ۽ اعزازي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا. اڳواڻن عورتن جي فٽبال جي واڌاري ۽ نوجوان نياڻين کي راندين ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ اهڙين سرگرمين کي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.