ڪراچي ۾ رينجرز 8 سالن بعد ريڊيو پاڪستان جي عمارت خالي ڪري ڇڏي

مارچ 19, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ رينجرز 8 سالن بعد ريڊيو پاڪستان جي عمارت خالي ڪري ڇڏي، رينجرز ۽ ريڊيو پاڪستان اختيارين پاران تصديق ڪئي

رينجرز اختيارين جو چوڻ آهي ته ايم اي جناح روڊ تي واقع ريڊيو پاڪستان جي عمارت 2015ع کان رينجرز جي استعمال هيٺ هئي، اداري جي اعليٰ اختيارين جي اجازت سان رينجرز عمارت کي استعمال هيٺ آندو، 2007ع ۾ عمارت کي باهه لڳڻ سبب پروگرام ۽ نيوز سيڪشن سوڌو ٻيا شعبا گلشن اقبال واري عمارت ۾ منتقل ڪيا ويا هئا

اختيارين موجب رينجرز جي استعمال هيٺ هجڻ دوران به آهنگ رسالو نڪرندو هو، رينجرز پاران خالي ڪرڻ بعد عمارت ۾ اڪائونٽس، نيوز سيڪشن، سي پي يو سيڪشن ۽ سيل پروجيڪٽ کي منتقل ڪيو ويندو، هاڻي اِن ئي عمارت مان ريڊيو جا پروگرام هلندا

لاڳاپيل پوسٽون

  • خيرپورناٿن ۾گوليون هڻي اڌڙوٽ قتل

  • سکر ۾ نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

  • تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند

  • پاڪستان جو فلائيٽ آپريشن کي متاثر