ڪراچي ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهن ۾ خوف
جُون 14, 2025
ڪراچي ( پنهنجي ڊيسڪ ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 3.2رڪارڊ ڪئي وئي،ملير، قائد آباد، شاهه فيصل ڪالوني ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلو ماپيندڙ مرڪز ٻڌايو ته زلزلي جو مرڪز ملير کان 12 ڪلوميٽر پري اتر طرف هو، زلزلو ماپيندڙ مرڪز جو چوڻ آهي ته زلزلي جي اونهائي 35 ڪلوميٽرز رڪارڊ ڪئي وئي