ڪراچي ۾ سامونڊي پٽي ٻڏڻ شروع ٿي وئي، تيز هوائون گهلڻ لڳيون

جُون 13, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ به سامونڊي طوفان رنگ ڏيکارڻ لڳو آهي، تيز هوائون گهلڻ لڳيون آهن جڏهن ته سامونڊي پٽي ٻڏڻ شروع ٿي وئي آهي

سامونڊي طوفان ۾ شدت اچڻ کانپوءِ ڪراچي جي ابراهيم حيدري واري علائقي ڄاموٽ جيٽي تي ڇولين ۾ شدت اچي وئي آهي، سامونڊي پٽي ۾ پاڻي داخل ٿي ويو

هي به پڙهندا

انتظاميا پاران ڪي به حفاظتي اپاءَ نظر نه پيا اچن جنهن ڪري علائقي واسين ۾ خوف واري صورتحال آهي، جڏهن ته مهاڻن جي سمنڊ ۾ وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • فيلڊ مارشل ۽ ٽرمپ ملاقات مثبت اڳڀرائي: بلاول

  • سخت جملن جي ڏي وٺ

  • آءِ ايم ايف مطالبا مڃيا آهن: وزيراعظم

  • ڪراچي ۾ نوجوان کي ڪانگو وائرس جي تصديق