| ڪراچي ۾ سمنڊ ڪناري عورت مارچ: گيتن جي ورکا: رقص: پدرشاهي جو جنازو نڪتو |
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) ڪراچي ۾سمنڊ ڪناري امڙن جي ڏهاڙي تي عورت مارچ نعرن ـ گيتن ۽ رقص ۾ رڱجي ويو، عورت مارچ جي اڳواڻ شيما ڪرماڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عورتن جي حقن لاءِ 8 سالن کان ٿيندڙ مارچ ۾ سدائين سرڪار جي اجازت وٺي قانوني گھرجون پوريون ڪندا آھيون، ھن ڀيري مارچ جي رستي ۾ ڪيتريون رڪاوٽون وڌيون ويون، مارچ کان اڳ پريس ڪلب ٻاھران تشدد جو نشانو بڻايو ويو، پروگرام جي ڏنل اين او سي ۾ پڻ عجيب شرط لاڳو ڪيا ويا آھن، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناھن۔ ھن چيو ته پ پ جي جمهوري حڪومت آھي، مون تي ٿيل پوليس تشدد جي معافي گھري وئي پر مونتي ڪنهن جي چوڻ تي تشدد ٿيو؟ اھو نٿو ٻڌايو وڃي، ھن چيو ته ھي مارچ عورتن تي ٿيندڙ تشدد ۽ معاشري پاران ساڻن ٿيندڙ ناانصافين خلاف مارچ آھي سماجي اڳواڻ نجما مھيشوري چيو ته عورت مارچ عورتن جي نمائندگي ڪري ٿو۔ ۔ شانتي کي سندس ئي مڙس وحشي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب ھوء فوت ٿي وئي۔ خواجا سرا اڳواڻ شھزادي راءِ چيو ته رياست عورتن سان ايڏي زيادتي ڪري ٿي، اها خواجا سرائن کي ڪهڙا حق ڏيندي پر اسين مايوس ناھيون ـ ان موقعي تي عورتن جي حقن بابت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، مارچ دوران پدرشاهي جو جنازو پڻ ڪڍيو ويو، عورت مارچ ۾ سماجي اڳواڻ صنم نور پنهنجي زبان تي تالو ۽ چپن تي زنجير ھڻي شريڪ ٿي، عورت مارچ ۾ شريڪ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شادي شده عورتن سان سندن مڙسن پاران ٿيندڙ زيادتين خلاف قانون سازي ڪئي وڃي، پورھيت عورتن کي مردن برابر اجورو ڏنو وڃي، ڪاروڪاري جي خاتمي لاءِ اثرائتي قانونسازي ڪئي وڃي