| ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار، ايس ايس پي ايس آءِ يو امجد شيخ موجب پاڪ ڪالوني ۾ڪارروائي ڪري 3 جوابدارن شوڪت، نادر ۽ خادم کي هٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدارن 17 آگسٽ تي ڊفينس جي علائقي خيابان شهباز ۾ ڦر دوران مزاحمت تي سيڪيورٽي گارڊ کي قتل ڪيو هو، جوابدار سندس هٿيار به کڻي ويا هئا.