ڪراچي ۾ سڀاڻي موڪل جو اعلان
جُون 18, 2025
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سڀاڻي عظيم صوفي بزرگ حضرت عبدالله شاهه غازي رحه جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي موڪل جو اعلان ڪيو ويو ۽ سڀاڻي ڏينهن سموريون آفيسون بند رهنديون.
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب 19 جون تي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت بلديا عظميٰ جون آفيسون 19 جون تي بند رهنديون.
عظيم صوفي بزرگ حضرت عبدالله شاهه غازي رحه جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي موڪل جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.