| ڪراچي ۾ سچل رينجرز جي آفيس ويجهو ڌماڪو: فائرنگ: ڪڙو: اٽالا پهچي ويا |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ يونيورسٽي روڊ تي موسميات چورنگي ويجهو فائرنگ ۽ ڌماڪي جا اطلاع: ڪڙو: پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا پهچي ويا، پوليس موجب گلستان جوهر ۾ فائرنگ جي اطلاع ملندي ئي پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويا. ٻئي طرف ريسڪيو 1122 سنڌ جي ترجمان ٻڌايو ته گلستان جوهر جي بلاڪ 5 ويجهو سچل رينجرز جي آفيس ويجهو ڌماڪي جو اطلاع مليو هو، جنهن تي سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول تان ريسڪيو ٽيم کي روانو ڪيو ويو جيڪا صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي.واقعي کانپوءِ ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير شيخ به وڏي نفري سان گڏ موقعي تي پهچي ويا . ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه موسميات چورنگي ويجهو ڌماڪي ۽ فائرنگ واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آئي جي ڪراچي کان تفصيلي رپورٽ گهري ورتي آهي. ترجمان موجب وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته واقعي جي نوعيت معلوم ڪئي وڃي ۽ پوليس فوري طور تي ضروري قدم کڻي.