ڪراچي ۾ شاپنگ مال جي 6 ماڙ عمارت کي باهه لڳڻ سبب 11 ڄڻا فوت، 9 زخمي ٿي پيا، ڪيترائي دڪان سڙي ويا

نومبر 25, 2023

ڪراچي ۾ شاپنگ مال جي 6 ماڙ عمارت کي باهه لڳڻ سبب 9 ڄڻا فوت، 9 زخمي ٿي پيا، ڪجهه ماڻهن جي اڃا به عمارت ۾ ڦاٿل هئڻ جا اطلاع، باهه لڳڻ سبب ڪيترائي دڪان به سڙي ويا، گلشن اقبال ۾ راشد منهاس روڊ تي شاپنگ سينٽر جي ڇهين ماڙ کي باهه لڳڻ بعد هيٺ چوٿين ماڙ تائين پکڙجي وئي، ريسڪيو اختيارين موجب عمارت مان 42 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، باهه لڳڻ سبب ۽ دونهين ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، وڌيڪ 9 ڄڻا بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل، جناح اسپتال جي اختيارين موجب چئن فوتين جا لاش آندا ويا، وڌيڪ 5 ماڻهو علاج دوران فوت ٿي ويا، فائر برگيڊ اختيارين موجب 12 گاڏين، 2 اسنارڪل ۽ 50 فائر فائٽرز جي مدد سان باهه وسائي وئي، ريڪسيو آپريشن ۽ ڪولنگ جو عمل جاري، عمارت کي باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿيو

Leave A Comment