| ڪراچي ۾ شهري قتل: ڦورو کي ٿنڀي سان ٻڌي ساڙيو ويو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي شهري قتل، مڇريل شهرين جوابدار کي ٿنڀي سان ٻڌي باهه ڏئي ماري ڇڏيو. پوليس موجب اورنگي ٽائون جي بلوچ ڳوٺ ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي شهري عبدالحنان کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد مڇريل شهرين هڪ ڦورو کي پڪڙي ٿنڀي سان ٻڌي تشدد جو نشانو بڻايو، بعد ۾ کيس باهه ڏئي ڇڏي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار ٿنڀي سان ٻڌل آهي، جوابدار کي باهه ڏني وئي ۽ پٿر هنيا ويا،