ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هٿياربند ڦورو شهري کان 2 ڪروڙ 22 لک رپيا ڦري ويا، وارادت جا سي تي وي فٽيجز هٿ اچي ويا
شهر جي صدر واري علائقي مان گولڊ شاپ جي ملازم کان هٿياربند ڦورو هٿيارن جي زور تي 2ڪروڙ 22لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا، ملازم جي فرياد تي پريڊي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو
فريادي موجب پنج آگسٽ جي شام جو سيٺ ياسين اسڪول بيگ ڏني ۽ خانگي گولڊ ليب مان رقم کڻي اچڻ جو چيو، اسڪول بيگ ۾ 2 ڪروڙ 22لک رپيا کڻي اچي رهيو هئس ته موٽرسائيڪل سوار ٻن جوابدارن رقم ڦر ڪئي
ٻئي طرف ڦر جي واردات جا سي سي ٽي وي فٽيجز سامهو اچي ويا آهن، فٽيجز ۾ جوابدارن کي رقم کان ڀريل بيگ کسيندي ڏسي سگهجي ٿو