| ڪراچي ۾ شوروم تي ڀتا خورن جي فائرنگ: ڪاروبار بند |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ شوروم تي ڀتا خورن جي فائرنگ، ڪار کي گوليون لڳيون، شوروم مالڪن جو احتجاج، جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي جي حد ۾ ايم اي جناح روڊ تي واقع نواب شوروم تي ھٿياربندن فائرنگ ڪئي، شوروم ۾ بيٺل ڪار کي گوليون لڳيون، شوروم مالڪ موجب فائرنگ بعد مگسي گروپ طرفان پرڏيهي نمبر تان ڪال ڪري 50 لک ڀتو گهريو ويو، ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. شوروم مالڪن شٽر بند ڪري احتجاج ڪيو،