ڪراچي ۾عمارت ڪرڻ دروان فوتين جوانگ وڌي 7 ٿي ويو

جُولاءِ 4, 2025

ڪراچي ( پنهنجي ڊيسڪ )سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ 6 ماڙ رهائشي عمارت ڪري پئي، حادثي ۾ 7 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا سخت زخمي  ٿي پيا،  امدادي ڪارروائيون جاري آهن،  لياري جي علائقي بغدادي ۾ 6 ماڙ رهائشي عمارت ڪري پئي ،حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو عملو، پوليس ، رينجرز جون  امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جن امدادي ڪارروائيون شروع ڪندي 7 ڄڻن  جا لاش  عمارت جي ملبي مان ڪڍي ورتا، جڏهن ته 8 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ ملبي مان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي، ملبو هٽائڻ لاءِ ڳري مشينري طلب ڪئي وئي آهي،  علائقي واسين موجب عمارت ۾ ڪيترائي خاندان رهندا هئا،  عمارت جي ملبي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي دٻيل هئڻ جا اطلاع آهن، جڏهن ته عمارت ڪرڻ کان اڳ زبون حالت ۾ هئي.

صدر، وزيراعظم ۽ بلاول پاران عمارت ڪرڻ تي ڏک جوا ظهار

اسلام آباد ( پنهنجي ڊيسڪ ) صدر ۽ وزيراعظم پاران ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار،صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز جو ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي امدادي ڪارروائيون جلد مڪمل ڪري زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران فوتين جي وارثن سان تعزيت ۽ همدرديءَ جواظهار پڻ ڪيو آهي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي آهي،ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري سنڌ حڪومت کي امدادي سرگرمين ۾ تيزي آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، آصف علي زرداري چيوآهي ته متاثر ماڻهن کي فوري ريسڪيوڪرڻ ۽ دٻجي ويل ماڻهن کي فوري طور تي ڪڍيو وڃي،واقعي جي سبب جو تعين ڪيو وڃي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ اثرائتاقدم کنيا وڃن، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف به زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽوزرداري  به ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي جي ڏک جو اظهار  ڪندي چيوآهي ته ڪراچيءَ ۾ عمارت ڪرڻ وارو سانحو انتهائي افسوسناڪ آهي، سنڌ ڪومت متاثرن کي هر امدادفراهم ڪندي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • حميرا اضغر جي قتل جا افواهه، الزام هيٺ آيل ميرپورخاص واسي منظر عام تي اچي ويو

  • گڊو بئراج تي ننڍي ٻوڏ، پاڻي سکر ڏانهن وڌڻ لڳو، بندن تي دٻاءُ وڌي ويو

  • ڪراچي چيمبر پاران به لاهور چيمبر جي هڙتال جي حمايت جو اعلان

  • اي آءِ به جرڳا ڪرڻ لڳي، بلوچستان ۾ٻن قبيلن جي پراڻي تڪرار جو نبيرو