ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ عورتن کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو رڪجي نه سگھيو، يونيورسٽي جي شاگردياڻين کي به هراسان ڪيو ويو
وڊيو وائرل ٿي وئي، وائرل ٿيل وڊيو ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ شخص کي ڏسي سگھجي ٿو، جيڪو يونيورسٽي جي شاگردياڻين جي وين جو پيڇو ڪندي غيراخلاقي حرڪتون ڪندو نظر اچي ٿو پوليس موجب اهو واقعو سينٽرل ضلعي جي حدن ۾ پيش آيو
شاگردياڻين اوباش نوجوان جي وڊيو رڪارڊ ڪري وائرل ڪري ڇڏي. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ رفعت مختار واقعي جو نوٽيس وٺي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي