| ڪراچي ۾ عورت هٿ پير ٻڌي ۽ تشدد ڪري قتل، لاش هٿ |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ آچر بازار وٽان عورت جو هٿ پير ٻڌل ۽ تشدد ٿيل لاش هٿ آيو. ريسڪيو ذريعن موجب لاش تقريبن 8 کان 9 ڪلاڪ پراڻو آهي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪرايو، واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن. پوليس موجب مقتوله جي فوري سڃاڻپ نه ٿي سگهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي