ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي پوليس عيد جي موقعي تي سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ورتو، 13186 آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا
ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب عيد نماز لاءِ مسجدن ٻاهران 10 هزار 71، امام بارگاهن ٻاهران 2 هزار 177، کليل هنڌن تي ٿيندڙ عيد نماز جي سيڪيورٽي لاءِ 938 اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا، مجموعي طور13186 اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا
ايڊيشنل آءِ جي شهر جي 7 ئي ايس ايس پيز کي سيڪيورٽي انتظامن جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي
هن هدايت ڪئي ته گاڏين کي مسجدن ۽ امام بارگاهن کان مفاصلي تي بيهاريو وڃي، شهر ۾گشت وڌائي اسنيپ چيڪنگ ڪئي وڃي، شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ سخت ڪئي وڃي