ڪراچي ۾ فائرنگ: نابين شهري ٽارگيٽ بڻائي قتل

ڪراچي ۾ فائرنگ: نابين شهري ٽارگيٽ بڻائي قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي  ۾ فائرنگ، نابين شهري ٽارگيٽ بڻائي قتل، پوليس موجب اورنگي ٽائون ۾ شاداب گرائونڊ وٽ نامعلوم هٿياربندن  فائرنگ ڪري 40 سالن ورهين جي نابين دانش ولد امير حسين کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب دانش موقعي تي ئي دم ڏنو، واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، هوڏانهن  مقتول جي خاندان جو چوڻ آهي ته دانش جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي. هو نابين هو ۽ ٻارن کي سڄو ڏينهن قرآن پاڪ پڙهائيندو هو.