| ڪراچي ۾ فائرنگ واقعا: ٻه ڄڻا مارجي ويا، 3 زخمي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ سبب ٻه ڄڻا مارجي ويا، ان ڏس ۾ منگھوپير اجتماع گاهه ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو، 3 زخمي ٿي پيا، پوليس موجب مقتول جي سڃاڻپ 22 ورهين جي احسان اللہ طور ٿي آهي، زخمين ۾ منصور، گل محمد ۽ 5 ورهين جو حرڪت شامل آهن، واقعي کانپوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، شروعاتي جاچ موجب واقعو گهر جي وڪري سبب پيش آيو، مقتول پنهنجو گهر وڪرو ڪيو هو جنهن جي قيمت به ادا ٿي چڪي هئي پر ٻي ڌر کي قبضو نه مليو جنهن تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي،ٻي طرف سائٽ سپر هاءِ وي واري علائقي ۾ فائرنگ سبب 42 ورهين جو شاه حسين مارجي ويو، پوليس موجب لاش کي ضابطي جي ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آهي واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي