ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فيڪٽري کي باهه لڳي وئي، فيڪٽري ويجهو عمارتن کي خالي ڪرايو ويو آهي ۽ امدادي سرگرميون جاري آهن
سائيٽ ايريا ۾ ليبر چورنگي وٽ پلاسٽڪ جي فيڪٽري کي باهه لڳي جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته فيڪٽري جي ڇت تي پيل سامان کي اوچتو باهه لڳڻ بعد پکڙجي وئي
اهڙي اطلاع تي پهتل فائر برگيڊ جون 8 گاڏيون باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن