ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ بابت جماعت اسلامي جي پٽيشن رد

ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ بابت جماعت اسلامي جي پٽيشن رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر پاران شهر ۾ لائين لاسز جي بنياد تي لوڊشيڊنگ خلاف داخل درخواست رد ڪندي معاملو نيپرا ڏانهن اماڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت هدايت ڪئي ته نيپرا شڪايت تي هڪ مهيني اندر فيصلو ڪري رپورٽ ايم آءِ ٽي 2 ۾ جمع ڪرائي, عدالت مشاهدو ڪيو هو ته  سپريم ڪورٽ جي حڪمن موجب لوڊشيڊنگ بابت درخواست ٻڌڻ جوڳي نه آهي، عدالت وڌيڪ چيو ته نيپرا ايڪٽ جي سيڪشن 39 تحت درخواستگذار کي نيپرا سان رابطو ڪرڻ جو اختيار موجود آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو  ته لائين لاسز جي بنياد تي لوڊشيڊنگ غير قانوني آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب شهرين جي روزمره زندگي متاثر ٿي رهي آهي.